اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان شديد زلزلي جي ڏس ۾ تر??يه سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي وڏي ڏک سان ڏکڻ تر??يه ۾ شديد زلزلي جي خبر ملي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري المناڪ جاني نقصان تي ڀائر تر?? عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي امدادي سرگرمين ۾ هر ممڪن تعاون جي آڇ ڪئي آهي. بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پڻ پنهنجي تر?? هم منصب چاوش اولو سان رابطو ڪري ان سان جاني نقصان تي تعزيت ۽ ي??جهتي جو اظهار ڪيو ۽ کيس مدد جي آڇ کي ورجايو. بيان موجب وزيراعظم جي هدايت تي نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) سمورن دستياب وسيلن کي متحرڪ ڪري رهي آهي جن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ۽ زندگي بچائيند?? ٻيون اهم شيون شامل آهن، متاثر علائقن ۾ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تربيت يافته اربن سرچ ۽ ريسڪيو ٽيمن کي انهن جي اوزارن ۽ دوائن سان گڏ روانو ڪيو پيو وڃي. بيان موجب انقره ۾ پاڪستان جو مشن لاڳاپيل تر?? عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي ته جيئن زلزلي کان متاثر علائقن جي لاءِ ڪنهن اضافي ضرورت جي نشاندهي ڪري سگهجي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان ان شديد قدرتي آفت جي ڏس ۾ تر??يه جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو جڏهن ته پاڪستان فوري امدادي ڪوششن کانسواءِ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلن ۾ تر??يه سان گڏ ڪم جاري رکندو.