اسلام آ??اد – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پاڪس??ان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانوگروسي پاڪس??ان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آ??اد ۾ آهي.