اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ون?? پاران جاري بيان موجب آمر??ڪي پرڏيهي کاتي ۾ توانائي وسيلن جي بيورو جي اسسٽنٽ سيڪريٽري جيفري پياٽ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. جيفري پياٽ پاڪ – آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي لاءِ آمر??ڪي وفد جي قيادت ڪري رهيو آهي. وزيراعظم پاڪستان آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ منعقد ڪرڻ کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪستان توانائي جي بنيادي ڍانچي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪري ٿو ته جيئن متبادل توانائي طرف منتقلي ۾ مدد ملي. اسسٽنٽ سيڪريٽري قابل تجديد توانائي جي پاليسي تي پاڪستان کي ساراهيو. وزيراعظم پاڪست??ن ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جهڙن شعبن ۾ جاري ڳالهين ۽ تعاون جي آجيان ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان اقتصادي ترقي، توانائي جي حفاظت، ٻوڏ کان بحالي جي ڊگهي مدي واري ڪوششن ۾ حصيداري ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو ويو. پاڪ آمريڪا انرجي سيڪيورٽي ڊائيلاگ هڪ گڏيل قدم آهي جنهن جو مقصد توانائي جي حفاظت کي فروغ ڏيڻ آهي ۽ اهو آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي توانائي جي ترجيحن، قابل تجديد توانائي جي منتقلي کي اڳتي وڌائڻ ۽ توانائي جي شعبي ۾ اقتصادي ۽ واپاري موقعا ڳولڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ پليٽ فارم طور ڪم ڪندو رهندو. ملاقات دوران سمنڊ، ماحوليات ۽ سائنس بابت اسسٽنٽ سيڪريٽري مونيڪا ميڊينا جيڪا سرڪاري دوري تي پاڪستان ۾ آهي، و??يراعظم کي ٻڌايو ته هوءَ پاڪ آمريڪا موسمياتي ۽ ماحوليات ورڪنگ گروپ جي ميٽنگس جي لاءِ هڪ وفد جي قيادت ڪري رهي آهي. هن ان عزم کي ساراهيو جنهن سان پاڪستان حڪومت گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏنو. ڏکڻ وچ ايشيا بابت پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري الزبيٿ هورسٽ ۽ چيف ڪلائميٽ آفيسر، ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن (ڊي ايف سي) جيڪ ليوين پڻ وفد ۾ شامل هئا. سينيئر آمر??ڪي سفارتڪارن بائيڊن انتظاميا جي پاڪستان آمريڪا لاڳاپن، و??پار ۽ سيڙپڪاري، صحت، سلامتي ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق، موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، و??يراعظم جو صلاحڪار احد چيما، پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، و??يراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، جهانزيب خ??ن ۽ سيد فهد حسين پڻ موجود هئا.