اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پ??ڪس??ان ڀارت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري ظلمن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته پ??ڪس??ان والاريل علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکنداسين. ترجمان چي?? ته گذريل هفتي سرينگر ۾ ڀارتي قومي تحقيقاتي ايجنسي (اين آئي اي) سينيئر صحافي ۽ انساني حقن جي ڪارڪن عرفان معراج کي گرفتار ڪيو، پ??ڪس??ان کي عرفان معراج ۽ خرم پرويز سميت درجنين ڪشميري صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن جي حفاظت ۽ خيريت بابت ڳڻتي آهي جيڪي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قب??ي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ قيد آهن. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو صحافين ۽ انساني حقن جي محافظن کي دٻائڻ ۽ والاريل علائقي ۾ راءِ جي اظهار ۽ اجتماع جي آزادي کي سلب ڪرڻ جي پاليسي ختم ڪري.