اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري کي موسمياتي تباهي، ڪورونا وبا، سخت مع??شي حالتن ۽ وڌندڙ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ سان پيدا ٿيندڙ چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي وزارت ۾ سفارتي ڪور جي اعزاز ۾ ڏنل بين المذاهب افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. افطار ڊنر ۾ اسلام آباد ۾ رهندڙ سفيرن، هاءِ ڪمشنرز ۽ مختلف ملڪن جي مشنز جي سربراهن شرڪت ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم سينيٽر سيد يوسف رضا گيلاني، پرڏيهي مع??ملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف، پرڏيهي سيڪريٽري ڊاڪٽر اسد مجيد خان، وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن پڻ افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري مهمانن کي رمضان المبارڪ جي برڪتن واري مهيني جي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته پاڪس??ان کي موسمياتي تبديلين جي تباهين جي سنگين نتيجن ۽ ڪورونا وبا جي ڏس ۾ مع??شي چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي وزير چيو ته حڪومت وٽ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ا??م ڪم آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪس??ان کي گذريل سال جي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ مع??شي مشڪلاتن سان گڏوگڏ ٻوڏ سٽيلن جي مڪمل بحالي جو وڏو چئلينج درپيش آهي، حڪومت جي اولين ترجيح غريبن ۽ مع??شي طور تي ڪمزور طبقن جي حالت کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ملڪ هن وقت مشڪل مع??شي حالتن مان گذري رهيو آهي، بينظير انڪم سپ??رٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) تحت مستحقين کي ريليف فرا??م ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪورونا وبا جي ڪري پاڪس??ان سميت مختلف ملڪن کي مع??شي مسئلا درپيش رهيا، پاڪس??ان کي به ٻين ملڪن وانگر مختلف چئلينجز درپيش آهن. پرڏيهي وزير تازي ٻوڏ دوران پاڪس??ان جي مدد ڪرڻ تي عالمي برادري جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي پاڪس??ان ۾ ڊپلوميٽڪ ڪور جي ڊين عطا جان مولاموف پڻ خطاب ڪيو. هن پنهنجي خطاب ۾ عالمي امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ بين المذاهب رابطي جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته يورپي يونين پاڪس??ان کي هاءِ رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍيو آهي جيڪو ساراهه جوڳو قدم آهي. هن رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني جي موقعي تي پاڪس??ان جي عوام ۽ شرڪت ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني. سفارتي ڪور جي ميمبرن بين المذاهب هم آهنگي جي تصور سان افطار ڊنر منعقد ڪرڻ تي پرڏيهي وزارت جي قدم کي ساراهيو. افطار ڊنر ۾ پرڏيهي وزارت جي سينيئر آفيسرن ۽ ٻين اهم شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.