اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) خاتون اول ثمينه عارف علوي چيو آهي ته اڄ مون عمران خان جي ڀينرن عليمه خان ۽ عظميٰ خان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ٻئي عمران خان جي گرفتاري، ان جي صحت ۽ سلامتي بابت پريشان هيون. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ثمينه عارف علوي چيو ته عمران خان جي آزادي تائين ماڻهو پرامن احتجاج ڪن. هن چيو ته مون انهن کي پنهنجي ۽ صدر پاران فڪرمندي، نيڪ خواهشن ۽ دعائن جو پي??ام ڏنو. مون انهن کي يق??ن ڏياريو ته صدر، عمران خان جي صحت ۽ سلامتي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان ڪوششون ڪر?? رهيو آهي.