اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زر??ار?? سان ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس آزاد ڪشمير شاخ جي اڳواڻن پرڏيهي آفيس ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب وفد جي قيادت ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي آزاد ڪشمير شاخ جو ڪنوينر محمود احمد ساغر ڪري رهيو هو. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زر??ار?? چيو ته ڀارت جي دوري دوران ڪشمير مسئلي ??ي پاڪستان جي اصولي موقف جو ور??اءُ ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي شڪار والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ور??ين جو نوٽيس وٺي. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن اڻٿڪ حمايت ??ي پاڪستان جي حڪومت ۽ پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا.