اسلام آباد – 15 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ??رڪاري ملازمن کي 23 جون تائين هن مهيني جي پگهار ڏيڻ لاءِ هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، اي?? ڊي جيز ۾ ايم اين اي?? جي ترقياتي منصوبن جا فنڊز نان ليپس اي??ل اڪائونٽ ۾ وجهڻ لاءِ قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ۽ ميمبرن طرفان اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي ناڻي واري وزير چيو ته ??جيٽ بابت ايف بي آر جي واپاري ۽ فني ڪميٽين جي حوالي سان نظرثاني ڪئي وئي آهي جنهن جا تفصيل هن ايوان ۾ ??مع ڪرائي ڇڏيا آهن. ناڻي واري وزير چيو ته ??ندس ڪيترين ئي وزارتن ۽ کاتن عيدالاضحيٰ کان اڳ سرڪاري ملازمن کي پگهار جي ادائيگي لاءِ رابطوڪيو آهي، ناڻي واري وزير چيو ته هن ان حوالي سان ناڻي واري سيڪريٽري کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن ته ??مورن سرڪاري ملازمن کي 23 جون جمعي تائين هن مهيني جي پگهار ادا ڪئي وڃي ته ??يئن ملازم عيد جي حوالي سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري سگهن. هن چيو ته ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر جون ٽيمون قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي کانسواءِ ڪميٽين ۾ به موجود آهن جيڪي ميمبرن طرفان بجيٽ تي بحث جو هڪ هڪ نقطو نوٽ ڪري رهي آهي، ان ۾ عمل جوڳين تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، هن چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ ناڻي واري مملڪتي وزير به موجود رهندي آهي، هن چيو ته اي?? ڊي جيز ۾ ايم اين اي?? جي منصوبن جا فنڊز نان ليپس اي??ل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ هو قانون واري وزارت ۽ اٽارني جنرل سان مشاورت ڪندا ڇاڪاڻ ته ??ن حوالي سان هڪ قانون موجود آهي جڏهن ته ??پريم ڪورٽ جو هڪ فيصلو به آهي، ان کان اڳ عبدالاڪبر چترالي، غوث بخش مهر ۽ انجنيئر صا??ر حسين قائم خاني اعتراض واري نقطي تي چيو ته اي?? ڊي جيز ۾ ايم اين اي?? جي ترقياتي فنڊز 30 جون تي ليپس ٿي رهيا آهن، انهن فنڊن کي نان ليپس اي??ل اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو وڃي، انهن ميمبرن بجيٽ تي بحث دوران ناڻي واري وزير جي ٽيم جي موجودگي جو به مطالبو ڪيو.