اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد ??هباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته سعودي عرب جي مدد سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌن??ڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد ??هباز شريف چيو ته پاڪستان جي عوام پاران هو اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستا?? ۾ 2 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪرڻ تي سعودي عرب جي قيادت ۽ ڀائر عوام جو ٿورائتو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي لاءِ مالياتي مدد يقيني بڻائڻ تي آئُون خاص طور تي پنهنجي ڀاءُ ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد ??ن سلمان جو ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران ان مدد سان پاڪستان جا پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم چيو ته سعودي عرب پاران معاونت جي فراهمي سان پاڪستان جي اقتصادي بحالي ۽ بهتري جي ڏس ۾ ڀائر ملڪ ۽ عالمي برادري جي وڌن??ڙ اعتماد جي عڪاسي به ٿي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان پاڪستاني معيشت ۾ بهتر?? آڻڻ جي لاءِ سمورن ضروري قدمن تي پرعزم آهيون. وزيراعظم ان ڏس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد ??سحاق ڊار ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير جا به ٿورا مڃيا ۽ انهن جي ڪردار کي به ساراهيو آهي.