اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرپرسن قومي اسيمبلي ميمبر جويريه ظفر آهير جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت جي 14 مهينن جي مختصر مدي ۾ اڻٿڪ محنت سان پنهنجي ادارن جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشي بحالي جي ڪوششن کي ساراهيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ شرڪت ڪئي. اطلاعات وا??ي وفاقي وزير ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان ٽيليويزن جي سمورن ملازمن کي ريگيولر ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي وي اسلام آباد ۾ فلم ڊويزن قائم ڪئي وئي آهي جڏهن ته وزارت پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو پڻ قائم ڪيو آهي. هن اسٽينڊنگ ڪميٽي کي پي ٽي وي ورچوئل اسٽوڊيو جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. وفاقي وزير اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اڪيڊمي کي اپ گريڊ ڪيو ويو آهي ۽ ان جا ڪورسز 25 جولاءِ کان شروع ٿي رهيا آهن. هن ڪميٽي کي ٻڌايو ته ورڪنگ جرنلسٽس جي لاءِ هڪ ارب رپين جي هيلٿ انشورنس شروع ڪئي وئي اهي، اهڙي طرح آرٽسٽن جي لاءِ به هيلٿ انشورنس جي شروعات ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن ۾ 12 نوان اسٽوڊيوز شروع ڪيا و??ا آهن ۽ ريڊيو پاڪستان جي سمورن آرڪائيوز کي ڊيجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي. پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارن، الائونسز ۽ پينشنز جي عدم ادائيگي جي حوالي سان اطلاعات وا??ي وفاقي سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي پينشنرز کي مسئلا درپيش هئا، حڪومت موجوده بجيٽ ۾ مناسب بجيٽ گرانٽ جاري ڪئي آهي جنهن سان انهن جون ??الي ضرورتون ??وريون ??ي رهيون آهن. وڌ??ڪ اهو ته پي بي سي جي ملازمن ۽ پينشنرز کي سموريون رهتون ??ڻ ادا ڪري ڇڏيون آهن. اجلاس دوران ڪميٽي جي چيئرپرسن جويريه ظفر آهير چيو ته صحافت ۾ اخلاقيات هڪ تمام ضروري عنصر آهي ۽ واقعن بابت ڪنهن به خبر کي صحيح رپورٽ ڪرڻ گهرجي. هن وڌ??ڪ چيو ته هڪ سٺي اڳڀرائي آهي ته پيمرا ايڪٽ 2002ع ۾ ترميمون ڪيون ??يون ??ڃن جنهن سان پيمرا وڌ??ڪ بااختيار ٿيندو. انسپيڪٽر جنرل پو??يس آءِ سي ٽي اسلام آباد ڪميٽي کي ٻڌايو ته اسلام آباد پو??يس سمورن ڪيسن ۾ صحافين کي ترجيح ڏئي رهي آهي ۽ ڪيترائي ڪيس سي آءِ اي کي موڪليا و??ا آهن. هن چيو ته اسلام آباد جي صحافينجي لاءِ هڪ واٽس ايپ گروپ جوڙيو ويو آهي جتي اهي پنهنجي مسئلن بابت ٻڌائي سگهن ٿا جن کي فوري طور تي حل ڪيو ويندو. بعد ۾ ڪميٽي حڪومتي بل ”دي پروٽيڪشن آف جرنلسٽس اينڊ ميڊيا پروفيشنلز (ترميمي) بل 2023ع“، ”دي پريس، نيوز پيپرز، نيوز ايجنسيز ۽ بڪ رجسٽريشن (ترميمي) بل 2023ع“ تي غور ڪيو ۽ معمولي ترميمن سان ان کي منظور ڪ??ي ورتو. ڪميٽي وڌ??ڪ قانونسازي ملتوي ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ ان تي غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن/ قومي اسيمبلي ميمبرن زيب جعفر، ڪرن عمران ڊار، ذوالفقار علي، ناز بلوچ، ڊاڪٽر شازيه ثوبيه اسلم سومرو، ناصر خان موسيٰ زئي ۽ آسيه عظيم، بلن جي محرڪين قومي اسيمبلي ميمبرن مولانا عبدالاڪبر چترالي ۽ محمد جمال الدين شرڪت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات وا??ي وزارت ۽ گهرو وزارت جا سينيئر آفيسر، اسلام آباد پو??يس، ايف آءِ اي، پيمرا، پي بي سي، پي آءِ ڊي جا نمائندا پڻ ان موقعي تي موجود هئا.