اسلام آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ٻطرفو اقتصادي تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ??اڪستان جي معيشت جي مختلف شعبن خاص طور تي خصوصي اقتصادي زونز ۾ چيني سيڙپڪاري وڌائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان پنهنجي زراعت?? انفارميشن ٽيڪنالاجي (آءِ ٽي)، ٽرانسپورٽ ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبن کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ چين جي تعاون ۽ مدد جو خواهشمند اهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار چين جي ص??ر شي جن پنگ جي خصوصي نمائندي ۽ چين جي رياستي ڪائونسل جي نا??ب وزيراعظم هي لي فينگ سان ڳالهائيندي ڪيو. چين جي نا??ب وزيراعظم پنهنجي وفد جي ميمبرن سان گڏ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪندي صدر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ آل ويدر اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ آهي ۽ ٻئي ملڪ سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا. هن وڌيڪ چيو ته ??اڪستان ۽ چين جي وچ ۾ منفرد لاڳاپا آهن ۽ دنيا کي ٻنهي ڀائر ملڪن جي دوستي مان سبق سکڻ گهرجي. هن ان ڳالهه کي ساراهيو ته ??نهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تعاون جي نئين شعبن تائين وڌي رهيا آهن. پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي حوالي سان ڳالهه ڪندي صدر چيو ته سي پيڪ خطي ۾ خوشحالي آڻڻ سان گڏوگڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي کي پڻ بدلائي ڇڏيندو. هن وڌيڪ چيو ته سي پيڪ پاڪستان ۾ بجلي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪافي مدد ڪئي آهي. هن چيو ته ??اڪستان ان جي سمورن بنيادي معاملن تي چين جي ڀرپور حمايت جاري رکندو. صدر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مالي مدد ڪرڻ تي چيني حڪومت جا ٿورا مڃڻ کانسواءِ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي چين جي اصولي موقف تي ٿورا مڃيا. هن نا??ب وزيراعظم کي ه??ال پاڪستان جو اعزاز ملڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ پاڪ چين دوستي کي فروغ ڏيڻ ۽ سي پيڪ منصوبن تي ڪاميابي سان عملدرآمد جي لاءِ نگراني تي سندس ڪردار کي ساراهيو. صدر جا ٿورا مڃيندي چيني نا??ب وزيراعظم مارچ 2020ع ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي چين جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته چين جي عوام اهو دورو ياد رکندي ڇو ته صدر پاڪستان ڪورونا وبا جي خطرن جي باوجود مشڪل وقت ۾ چين جو دورو ڪيو. هن خوشي سان ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ سان پاڪستان جي سماجي، اقصادي ۽ بنيادي ڍانچي جي منظرنامي ۾ اهم تبديلي آئي آهي ۽ هاڻي اهو پوري خطي ۽ ان کان ٻاهر به پاڪستان جي اقتصادي، واپاري ۽ رابطي ڪاري جي حيثيت کي وڌيڪ وڌائيندو. نا??ب وزيراعظم صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چين ۾ غربت جي خاتمي لاءِ چيني حڪومت جي قدمن بابت آگاهه ڪيو. نا??ب وزيراعظم سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ه??ال پاڪستان عطا ڪرڻ تي صدر جا ٿورا مڃيا. ان کانسواءِ هن صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي چيني ص??ر شي جن پنگ پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پڻ پهچايو.