اسلام آباد – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين ??المي ڪمپنين ??ي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، ??نهن قدرتين وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي، ??يڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي ج?? ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيرڪ گولڊ ڪمپني جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مارڪ برسٽوو جي سربراهي ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بيرڪ گولڊ جي وفد ريڪوڊڪ منصوبي تي سيڙپڪاري ۾ پاڪستان حڪومت جي حصي جي پاڪستاني رپين ۾ ادائيگي تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ مارڪ برسٽوو وزيراعظم کي ريڪوڊڪ ۾ جار?? ترقياتي ڪم تي اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستان منرل سمٽ ۾ بيرڪ گولڊ سميت ٻين ??المي ڪمپنين ??ي شرڪت پاڪستان ۾ عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي بحالي جي سند آهي، منرل سمٽ جي ڪاميابي ۽ پاڪستان ۾ بيرڪ گولڊ جهڙين ??المي ڪمپنين ??ي اعتماد جي بحالي اسپيشل انويسٽمينٽ فيسلي ٽيشن ڪائونسل جاري ڪرڻ ممڪن ٿيو. هن چيو ته پورو پاڪستان خاص طور تي بلوچستان معدنيات سان مالامال آهي، ??نهن قدرتي وسيلن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبو بلوچستان ۽ علائقي ج?? ترقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو، ان منصوبي سان صوبي ج?? ترقي ۽ ماڻهن جي خوشحالي جي نئين ??ور جي شروعات ٿيندي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي تي عملدرآمد جي لاءِ سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجي ذميواري پوري ڪن. بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريڪوڊڪ ۾ ڪميونٽي ڊيولپمينٽ ڪميٽي جو قيام ڪيو ويو آهي جيڪا بلوچستان جي ??وا?? ج?? ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي امڪاني قدمن جي نشاندهي ڪري ٿي، ڪميٽي ۾ شامل مقامي نمائندا مقامي ماڻهن ج?? ترقي جي لاءِ منصوبن جي نشاندهي پاڻ ڪن ٿا، ريڪوڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان خاص طور تي باصلاحيت مقامي ماڻهن کي روزگار جا موقعا فراهم ڪيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته منصوبي جي سيڙپڪاري مان علائقي ج?? ترقي تي پڻ وڏي رقم خرچ ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته ريڪوڊڪ منصوبي جي حوالي سان تازو معاهدو ٻنهي ڌرين ??ي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو. ان موقعي تي پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين ??هانزيب خان، طارق باجوه ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.