اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وفاقي ڪابينا جي 16 وزيرن حلف کڻ?? و??تو. ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف ??لوي نگران وفاقي ڪابينا کان حلف و??تو. ان موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، پنجاب جو نگران وڏو وزير، سياستدان، بيوروڪريٽس ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ نمايان شخصيتون پڻ موجود هيون. تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ قومي تراني سان ٿي. حلف کڻ??دڙن ۾ ڊاڪٽر شمشاد اختر، سرفراز بگٽي، جليل عباس جيلاني، مرتضيٰ سولنگي، جمال شاهه، ڊاڪٽر عمر سيف، انيق احمد، ڊاڪٽر نديم جان، ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سميع سعيد، گوهر اعجاز، احمد عرفان اسلم، شاهد اشرف ??ارڙ، خليل جارج، مدد علي سنڌي ۽ محمد علي شامل آهن.