گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي اجلاس جو شيڊيول جاري، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر تي خطاب ڪندو

image

نيويارڪ – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي اجلاس جي مقررن جو شيڊيول جاري ڪري ڇڏيو آهي. جنرل ڊيبيٽ اڱاري ڏينهن 19 سيپٽمبر تي صبح 9 وڳي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي خطاب سان شروع ٿيندو. پرڏيهي آفيس موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 22 سيپٽمبر جمعي ڏينهن جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو. تفصيل موجب گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو صدر ڊينس فرانسس جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي صدارت ڪندو. پراڻي روايت موجب گڏيل قومن جي 78 هين جنرل اسيمبلي کي پهريون خطاب برازيل جي نمائندي جو هوندو جڏهن ته گڏيل قومن جي ميزبان ملڪ طور ٻيو خطاب آمريڪي نمائندي جو هوندو.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável
متعلقہ مضامین
مزید خبریں