لاهور – 13 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاڪستان ٽيليويزن لاهور سينٽر جو دورو ڪ??و. هو پي ٽي وي لاهور سينٽر جي مختلف سيڪشنز ۾ ويو ۽ اتي ڪم جي نوعيت جو مشاهدو ڪ??و. ترجمان موجب ان موقعي تي پي ٽي وي لاهور جي عهديدا??ن اطلاعات واري نگران وفاقي وزير کي پي ٽي وي لاهور سينٽر جي ورڪنگ کان آگاهه ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پي ٽي وي يونين آف??س جو دورو پڻ ڪيو، جتي پي ٽي وي يونين جي عهديدا??ن اطلاعات واري وزير جو استقبال ڪيو ۽ کيس گلدستو پيش ڪيو. پي ٽي وي دوري جي موقعي تي نگران وفاقي وزير اطلاعات واري سيڪريٽري ۽ پي ٽي وي جي ايم ڊي ظهور احمد جي ڪارڪردگي کي پڻ ساراهيو.