نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران دهشتگردن سان جهڙپن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي شهادت تي ڏک جو اظهار

image

ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غريوم (اتر وزيرستان) اسمان منزه (ڏکڻ وزيرستان) ۾ دهشتگردن سان جهڙپن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز گهربل دهشتگرد حضرت زمان سميت 6 دهشتگردن کي ماريو. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين پاڪ سرزمين تان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.

مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں