مظفر آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جو 76 هون يوم تاسيس سڄي رياست ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي سڄي رياست ۾ تقريبون منعقد ڪري ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي شهيدن، شهداءِ پاڪستان، پاڪ فوج جي شهيدن ۽ شهداءِ پوليس کي خراج عقيدت پيش ڪندي ان عزم جي تجديد ڪئي وئي ته ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪاميابي ۽ ان جي منزل حاصل ڪرڻ يعني الحاق پاڪستان تائين جدوجهد جاري ر??ند??. 76 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڏينهن جي شروعات مظفر آباد مان 21 توپن ??ي سلامي سان ٿي، پاڪ فوج يوم تاسيس جي موقعي تي توپن ??ي سلامي ڏني. 76 هين يوم تاسيس جي مرڪزي تقريب گادي واري شهر مظفرآباد پريڊ گرائونڊ ۾ منعقد ٿي جنهن جو خاص مهمان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو صدر بئريسٽر سلطان محمود چوڌري هو. مرڪزي تقريب ۾ آزاد حڪومت رياست ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري ان??ار??لحق، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري لطيف اڪبر، حڪومتي وزيرن، اسيمبلي ميمبرن، حڪومتي سيڪريٽرين، انسپيڪٽر جنرل پوليس، پاڪ فوج جي آفيسرن سميت سول ۽ عسڪري عملدارن کانسواءِ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ آزاد ڪشمير پوليس، ريسڪيو 1122، ڪمانڊوز، گرلز گائيڊ، بوائز اسڪائوٽس، ٽورسٽ پوليس جي دستن سلامي ڏني ۽ مارچ پاسٽ ڪيو. صد?? رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري، وزيراعظم چوڌري ان??ار??لحق پرچم ڪشائي پڻ ڪئي. صد?? رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري پريڊ جو معائنو پڻ ڪيو. صد?? رياست بئريسٽر سلطان محمود چوڌري ۽ وزيراعظم چوڌري ان??ار??لحق ڪاڪڙ يوم تاسيس جي تقريب کي خطاب پڻ ڪيو.