اسلام آباد-27 آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم جي انساني حقن بابت خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت جي حق جي آواز کي د??ائ?? لاءِ جنگي ڏ??هن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، ڪشميري 76 سالن کان اڄ جي ڏ??نهن کي ڪاري ڏهاڙي طور ملهائي رهيا آهن، جڏهن ڀارتي فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو اسان جي سرزمين تي قدم رکيو هو ڪشميري قوم آزاديءَ جو حق وٺي رهندي. اهڙو اظهار هن 27 آڪٽوبر تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو آهي. ڪشمير جي ڪاري ڏهاڙي جي موقعي تي خاص مددگار مشعال ملڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته ??سان ڪشميري 76 سالن کان اڄ جو ڏينهن ڪاري ڏينهن طور ملهائي رهيا آهيون، اڄ جي ڏ??نهن ڀارتي قابض فوج اسان جي سرزمين تي پهريون ڀيرو قدم رکيو. هن چيو ته ڪشميري قوم هٿين خالي ڀارتي فوج جو مقابلو ڪيو ۽ ڪشميري قوم ڏُک ۽ رت جون لازوال قربانيون ڏنيون آهن. مشعال ملڪ چيو ته ??سان ڪشميري عوام آزاديءَ جو حق وٺي رهنداسين، اسان جي اها جدوجهد آزادي ملڻ تائين جاري رهندي. مشعال ملڪ چيو ته ڀارتي فوج والاريل ڪشمير ۾ خوداراديت واري حق کي د??ائ?? لاءِ جنگي ڏ??هن ۽ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون ڪري رهي آهي. گڏيل قومون هڪ اعليٰ سطحي ڪميشن بڻائي جيڪا بين الاقوامي قانونن مطابق سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ انهن ڏوهن جي جاچ ڪرائي.