اسلام ??باد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪ?? ٻن ڏينهن جي دوري تي لاهور ??وانو ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم لاهور يونيورسٽي آف مئنيجمينٽ سائنسز (لمز) جي شاگردن ۽ شاگردياڻين سان ملاقات ڪندو ۽ انهن سان گڏ هڪ سيشن ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم ان??ار??لحق ڪاڪڙ پنجاب جي وڏي وزير سان به ملاقات ڪندو. نگران وزيراعظم رنگ روڊ جي ڏاکڻي حصي ۽ شاهدره فلائي اوور ??و جائزو به وٺندو. نگران وزيراعظم ميو اسپتال لاهور ??و دورو پڻ ڪندو.