اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا ??ڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا ??هن. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجما?? پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت سان گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏ??ل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪوريا ??ي پرڏيهي وزير پارڪ ج?? پاڪستان ۽ ڪوريا ??ي لاڳاپن جي ڀرپ??ر تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتص??دي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ڪن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.