دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ جمهوريه ايسٽونيا جي ??زي??ا??ظم ڪاجا ڪالس خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زر??ي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليمي ادارن سميت ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. ??زي??ا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ڪلائميٽ ايڪشن سمٽ جي موقعي تي جمهوريه ايسٽونيا جي ??زي??ا??ظم ڪاجا ڪالس سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ باقاعده اعليٰ سطحي مصروفيتن ۽ ڳالهه ٻولهه جي اهميت تي زور ڏنو. نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ اقصادي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ??زي??ا??ظم ڪاجا ڪالس ٻنهي طرفن جي وچ ۾ ٻٽي ٽيڪس جي خاتمي جي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان جي آجيان ڪئي. ٻنهي ??زي??اعظمن خوراڪ جي عدم تحفظ کي منهن ڏيڻ ۽ زر??ي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ايسٽونيا سان گڏ??ل تعاون تي ٻڌل رابطن خاص طور تي واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ممڪن تعاون جي شعبن بشمول تعليمي ادارن جي وچ ۾ تعاون وڌايو ويندو. نگران ??زي??ا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي فعال ٿيڻ کي ساراهيندي موسمياتي تبديلي جي موذي اثرن کان بچاءُ جي لاءِ ٺوس قدمن جي ضر??رت تي زور ڏنو. ايسٽونيا جي ??زي??ا??ظم چيو ته موسمياتي تبديلي عالمي ڳڻتي جو مسئلو آهي ۽ ان کي گڏ??ل طور تي حل ڪرڻ گهرجي. هن ماحولياتي تبديلي ۽ خوراڪ جي حفاظت جهڙن گڏ??ل چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضر??رت تي پڻ اتفاق ڪيو. ملاقات پاڪستان پويلين ۾ ٿي. ان ملاقات ٻطرفن لاڳاپن ۽ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي ٻين مسئلن بشمول موسمياتي تبديلي جهڙن خطرن تي ڳالهه ٻولهه جو موقعو فراهم ڪيو.