صدر پاران ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عمارت تي دهشتگرد حملي جي مذمت

image

اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڊي آءِ خان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي عمارت تي دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اهڙين بزدلاڻي ڪاررواين سان سيڪيورٽي فورسز جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهجن. هن چيو ته شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. صدر شهيدن جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں