اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ٽ??نڪ ڊيره اسماعيل خان ۾ پو??يس لائين ۽ ضلعي خيبر ۾ پو??يس ۽ فرنٽيئر ڪور جي گڏيل چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي سخت مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم دهشتگردن جي ٽ??نڪ پو??يس لائين ۾ شرپسندي جي وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن کي خراج تحسين پيش ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي ناسور جي پاڪستان مان مڪمل خاتمي تائين اها جنگ جاري رکنداسين. مون سميت سڄي قوم ملڪ جي حفاظت خاطر پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ سيڪيورٽي فورسز جي بهادر اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي بهادر عوام دهشتگردي جي ان جنگ ۾ پنهنجي سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. نگران وزيراعظم حملن ۾ شهيد ٿيندڙ سيڪيورٽي اهلڪارن جي مغفرت ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.