اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سئنيما ثقافت ۽ برداشت جي ڪلچر کي فروغ ڏ??ڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي، پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ مستقبل ۾ تعاون جا روشن امڪان موجود آهن. اها ڳالهه هن پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف دي آرٽس (پي اين سي اي) ۾ قازقستان جي سفارتخاني پاران قازخ فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي منعقد ت??ري?? کي خطاب ڪندي چئي. قومي ورثي ۽ ثقافت وارو نگر??ن وفاقي وزير جمال شاهه ۽ پاڪستان ۾ قازقستان جو سفير يرزان ڪستافين پڻ ت??ري?? ۾ موجود هئا. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير پاڪستان ۾ قازقستان جي سفير يرزان ڪستافين ۽ نگر??ن وفاقي وزير جمال شااهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته هن فلم “Kazakh Khanate” جي اسڪريننگ جي موقعي تي کيس گهرايو. هن چيو ته ثقافت واري نگر??ن وفاقي وزير جمال شاهه کان بهتر ڪير به سئنيما جي عڪاسي نه ٿو ڪري سگهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير سئنيما جي ذريعي ثقافت کي فروغ ڏ??ڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ ثقافتي لاڳاپن جي فروغ ۾ اطلاعات واري وزارت ۽ قومي ورثي واري وزارت قازقستان جي سفارتخاني سان هر ممڪن تعاون ڪندي. هن چيو ته اسان جي آڏو وڏا چئلينج موجود آهن جن مان هڪ عدم برداشت آهي، عدم برداشت جي ڪلچر جي خاتمي جي لاءِ اسان کي ثقافت ۽ ادب جي ذريعي ماڻهن جي سوچ بدلائڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگر??ن وفاقي وزير چيو ته ثقافت جي فروغ ۾ سئنيما هڪ خاص مقام رکي ٿي ان لاءِ اسان کي سٺي سئنيمائن کي فروغ ڏ??ڻو پوندو. هن چيو ته قازقست??ن وڌي?? پري نه آهي، ان جي سرزمين جاگرافيائي ۽ ثقافتي لحاظ کان اسان سان ڳنڍيل آهي. پاڪستان ۽ قازقستان جي وچ ۾ تعاون جي لاءِ روشن مستقبل آهي ۽ مون کي يقين آهي ته اڄ هتي قازقستان جي فلم ماڻهن کي پسند ايندي، هڪ سکڻ جو تجربو ۽ اسان جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين پهچائڻ نقطه آغاز هجڻ گهرجي.