گوگل طرفان پاڪستان ۾ عام چونڊن جي موقعي تي خاص ڊوڊل جاري

image

اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گوگل پاڪستان جي عام چونڊن جي موقعي تي پنهنجي سرچ پيج تي خاص ڊوڊل لانچ ڪيو آهي. هن ڊوڊل ۾ چونڊن جي اهميت کي نمايان ڪندي پاڪستان جو جهنڊو ۽ بيلٽ باڪس جي تصوير ووٽ وجهندي ڏيکاري آهي. اهو ڊوڊل رڳو پاڪستان جي جاگرافيائي حدن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جو عنوان ”پاڪستان نيشنل اليڪشنز 2024ع“ آهي. ان ڊوڊل کي ڪلڪ ڪرڻ تي پاڪستان ۾ عام چونڊن جي حوالي سان سموريون خبرون، اميجز ۽ ويڊيوز سامهون اچي وڃن ٿا.

مضمون کا ماخذ : راکی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں