وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي

image

اسلام آباد – 12 – مارچ (اي پي پي) وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجي عهدي جي چارج سنڀالي ورتي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ پنهنجي آفيس اچڻ تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد سميت وزارت جي ٻين اعليٰ آفيسرن وفاقي وزير جي آجيان ڪئي. عطاءُ الله تارڙ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو سينيئر اڳواڻ آهي، هو تڪ اين اي 127 لاهور تان قومي اسيمبلي ميمبر چونڊيو آهي. ايوان صدر ۾ بحيثيت وفاقي وزير حلف کڻڻ کانپوءِ اڄ اڱاري ڏينهن اطلاعات واري وزارت ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اطلاعات واري وزارت جا دروازا صحافي برادري جي لاءِ کليل رهندا، ملڪ ۾ مثبت ۽ تعميري صحافت کي فروغ ڏيڻ ۽ حڪومت ۽ ميڊيا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته حڪومتي قدمن ۽ پاليسين کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ ميڊيا سان گڏجي ڪم ڪنداسين، ميڊيا عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي، ان ڪردار کي بهتر طريقي سان نڀائڻ جي ضرورت آهي.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری
متعلقہ مضامین
مزید خبریں