سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال

image

اسلام آباد – 15 – اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود جو وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو ويو. پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار سندس استقبال ڪيو، سعودي عرب جي پرڏيهي وزير جو اهو دورو ٻنهي ملڪن جي ويجهي ۽ ڀائيچاري جي عڪاسي ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي دوري دوران صدر، وزيراعظم، پرڏيهي وزير ۽ آرمي چيف سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان السعود خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اجلاس ۾ پنهنجي پنهنجي وفدن جي قيادت ڪندا.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں