اسلام آباد – 24 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطين ۾ نسل ڪشيءَ جي خلاف داخل ڪيس تي ان??اف جي عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ان فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي ان??اني ۽ قانوني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موج?? وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۽ عالمي برادري غزه ۾ اسرائيلي آپريشن روڪڻ جي عالمي عدالت جي فيصلي تي فوري عمل ڪرائي، رفح ۾ آ??ريشن روڪڻ جي ان??اف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد سان دنيا ۾ امن جي راهه هموار ٿيندي. هن چيو ته مظلوم ان??انيت جي حق ۾ فيصلو ڏيندڙ 13 ججن ۽ پٽيشن داخل ڪرڻ تي ڏکڻ آفريقا کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پاڪستان ڏک?? ايشيا جي پٽيشن جي حمايت ڪئي هئي، اڳتي به سمورن فلسطينين جو ڪيس وڙهندا رهنداسين. وزيراعظم چيو ته عدالتي فيصلي موجب گڏيل قومن جي جاچ ڪميشن کي غزه ۽ رفح ۾ فوري پهچ ڏني وڃي، فيصلو مظلوم ان??انن جي فتح آهي، فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. هن چيو ته رستا ??ول??، غذائي ۽ طبي امداد جي فوري فراهمي جي فيصلي تي عملدرآمد ڪرايو وڃي ته جيئن مظلوم ان??انن کي ريليف ملي سگهي، پاڪستان مظلوم فلسطينين جي بنيادي ان??اني ۽ قانوني حقن جي تحفظج ي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو.