صدر پاران زوب جي علائقي سمبازه ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

image

اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري زوب جي علائقي سمبازه ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر ميجر بابر خان شهيد جي بهادري، وطن جي لاءِ خدمت ۽ حب الوطني جي جذبي کي به ساراهيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ صدر آصف علي زرداري فرض سرانجام ڏيڻ دوران شهادت ماڻڻ تي ميجر بابر خان شهيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي وارثن سان تعزيت ۽ انهن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي. هن شهيد جي بلند درجن جي لاءِ دعا پڻ ڪئي. صدر پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي پڻ ساراهيو.

مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج
متعلقہ مضامین
مزید خبریں