اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس نيٽ کي سگهارو بڻائڻ سميت پنجن بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکيو ويو آهي، هن وقت جي ڊي ??ي جي ??رح سان ٽيڪس جي 10 سيڪڙو ??رح جٽادار ناهي. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ناڻي واري وزير چيو ته نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ ٽيڪس جي بنياد کي وسيع ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو آهي، ملڪ ۾ هن وقت جي ڊي ??ي جي تناسب سان ٽيڪسن جي ??رح 10 سيڪڙو جي ويجهو آهي جيڪا پ??ئيدار ناهي، اي??دڙ ٻن ٽن سالن ۾ جي ڊي ??ي جي تناسب سان ٽيڪسن جي ??رح 13 سيڪڙو تائين وٺي وڃڻ جي ڪوشش ڪنداسين. غير دستاويزي معيشت جو خاتمو به حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهي، ان مقصد لاءِ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل اڳتي وڌايو پيو وڃي، ان سان ٽيڪس جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو روينيو ۾ اضافو ٿيندو پر شفافيت پڻ اي??دي. ناڻي واري وزير چيو ته وڌيڪ آمدني وارن تي وڌيڪ ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي گهٽ ٽيڪس لڳايو ويو آهي، نان فائلرز لاءِ ڪاروباري ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس جي ??رح ۾ نمايان اضافو ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه هنڌن تي ان ??رح کي 45 سيڪڙو تائين وڌايو ويو آهي، اسان کي نان فائلرز جي سبب کي هن ملڪ مان ختم ??رڻ?? پوندو، بجيٽ ۾ گهٽ آمدني وارن طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته هي اهي پنج بنيادي اصول آهن جن جي بنياد تي بجيٽ ترتيب ڏنو ويو آهي.