اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري تازين برساتن ۾ ملڪ جي مختلف حصن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي برساتن کان متاثر ماڻهن جي لاءِ ??مدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر برساتن جي ڪري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي گهر??ات??ن سان تعزيت ڪئي آهي. هن چيو ته برساتن سان ٿيندڙ حادثن ۽ قيمتي جاني نقصان کان بچڻ جي لاءِ ??حتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته حادثن کان بچ??ءُ ۽ پاڻي جي نيڪالي جي لاءِ ??نتظاميا کي وقت سر قدم کڻڻا پوندا. آصف علي زرداري حادثن ۾ فوت ٿيندڙن جي مغفرت لاءِ ??عا ڪئي ۽ گهر??ات??ن جي لاءِ ??بر جميل جي دعا ڪئي.