اسلام آباد -10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ??ملڪت آصف ??لي زرداري پاڪستاني ايٿليٽ ارشد نديم کي اولمپڪس ۾ رڪارڊ ڪارڪردگي تي هلال امتياز عطا ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ??ملڪت آصف ??لي زرداري، ارشد نديم کي راند جي ميدان ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ خاص تقريب ۾ ??ول ايوارڊ عطا ڪندو. صدر ??ملڪت جي هدايت تي ايوان صدر ارشد نديم کي ??ول ايوارڊ عطا ڪرڻ لاءِ ڪابينه ڊويزن کي خط لکي ڇڏيو آهي. صدر ??ملڪت آصف ??لي زرداري چيو ته ارشد نديم بهترين ڪارڪردگي سان راند جي ميدان ۾ قوم جو سر فخر کان بلند ڪيو. ايوان صدر طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ارشد نديم جي عالمي سطح تي شاندار ڪاميابي قوم لاءِ فخر جو سبب بڻي آهي. ارشد نديم ايٿليٽڪس جي ميدان ۾ نالو روشن ڪيو. صدر ??ملڪت ارشد نديم کي ??ول ايوارڊ آئين جي آرٽيڪل 259 (2) تحت عطا ڪندو. آئين تحت صدر ??ملڪت مختلف شعبن ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ جي اعتراف ۾ پاڪستان جي شهرين کي اعزاز عطا ڪري سگهي ٿو.