اسلام آباد-21 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پاور سيڪٽر ۾ گورننس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو آهي. نائب وزيراعظم آفيس مان جاري پڌرائي موجب سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ ??اور ڊسٽري ب??وشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي نئين جوڙيل بورڊز آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپ??سن?? جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ بجلي واري وزير سردار اويس احمد خان لغاري ب?? شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊسڪوز طرفان انتهائي ضروري انساني وسيلن تي ڌيان جي حوالي سان اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس دوران بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي چيئرپ??سن?? کي هدايت ڪئي وئي ته انساني وسيلن جي ضرورتن جي سطح کي فعال ضرورتن ۽ وڌ کان وڌ افاديت لاءِ آئوٽ سورسنگ جي اصولن، لائن لاسز ۾ گهٽتائي، بجلي چور?? جي خاتمي ۽ ڪسٽمر ڪيئر جي ر??شني ۾ ٻيهر جائزو ورتو وڃي. نائب وزيراعظم ڊسڪوز ۾ گورننس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ حڪومت جي مڪمل عزم جو اظهار ڪيو.