پاڪستان عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان پنهنجي قومي ڪوششن کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪري رهيو آهي: آصف علي زرداري جو عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي پيغام

image

اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي ۽ پنهنجي قومي ڪوششن کي عالمي گهرجن سان هم آهنگ ڪري رهيو آهي، حڪومت عورتن تي جنسي تشدد ۽ ڪم واري هنڌ تي هراسيت کان بچاءُ لاءِ قانون ٺاهيا آهن ان حوالي سان اسان کي اندازو آهي ته اسان کي ڊگهو سفر ڪرڻو آهي. ڪالهه صدر آصف علي زرداري عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اڄ اسان عورتن خلاف تشدد جي خاتمي واري عالمي ڏينهن جي موقعي تي تشدد جي مختلف صورتن کي منهن ڏيندڙ سڄي دنيا جي عورتن ۽ ڇوڪرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا. هي ڏينهن اسان کي عورتن ۽ ڇوڪرين خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ جي ياد ڏياري ٿو. هن چيو ته عورتن خلاف تشدد انساني حقن جو هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي عالمي سطح تي هر ٽن مان هڪ عورت متاثر ٿيندي آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ فوري ۽ اجتماعي قدمن جي ضرورت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته تشدد سبب هر سال هزارين عورتون پنهنجيون جانيون وڃائي ويهن ٿيون، هن سال جي عالمي ڏينهن جو عنوان ”هر 10 منٽن ۾ هڪ عورت قتل ٿئي ٿي، عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ متحد ٿيو“ آهي. هي عنوان انساني حقن جي ان سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ ۽ زنده بچي ويل عورتن جي مدد ڪرڻ ۽ نظام ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ سيڙپڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪري ٿو. پاڪستان ان مسئلي جي حل لاءِ پرعزم آهي ۽عالمي گهرجن سان پنهنجون قومي ڪوششون هم آهنگ ڪري رهيو آهي، هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي علمبردار هئي. 1995ع ۾ بيجنگ ۾ ٿيل عورتن بابت چوٿين عالمي ڪانفرنس ۾ هن معاشي آزادي، سماجي برابري ۽ عورتن جي تعليم تي زور ڀريو. هن چيو ته هو عورتن جي استحصال ۽ بدسلوڪي کان پاڪ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ جي خواهشمند هئي جتي عورتون سياست، ڪاروبار، سفارتڪاري ۽ زندگي جي ٻين شعبن ۾ اعليٰ ترين سطح تائين پهچي سگهن. صدر مملڪت چيو ته مون کي خوشي آهي ته اسان پاڪستان ۾ عورتن خلاف تشدد جي خاتمي لاءِ بامعنيٰ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان عورتن کي جنسي تشدد ۽ ڪم واري هنڌ تي هراسيت کان بچائڻ لاءِ قانون ٺاهيا آهن. پاڪستان ۾ فيملي پروٽيڪشن سينٽرز ۽ ويمنز ڪرائيسز شيلٽرز جو قيام عمل ۾ آڻڻ سان گڏوگڏ ڪائونسلنگ، هيلپ لائنز ۽ قانوني امداد تائين رسائي ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه جو اندازو آهي ته اسان کي هڪ ڊگهو سفر طئي ڪرڻو آهي. اڃان به تشدد سان عورتن جي تعليم، روزگار ۽ برابري جي موقعن تائين پهچ محدود ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان عورتن جي حقن جو تحفظ، کين هڪ محفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۽ صنفي بنيادن تي تشدد جي خاتمي جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته اسان کي عورتن کي تعليم ۽ هنر فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي مالي خودمختياري يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي، ان کانسواءِ عورتن جي حقن جي باري ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ تشدد جو خاتمو اڻٽر آهي. آصف علي زرداري چيو ته مون کي يقين آهي ته پنهنجي اجتماعي ڪوششن سان اسان هڪ اهڙو محفوظ ماحول جوڙي سگهون ٿا جتي ڪنهن به عورت کي تشدد جو منهن نه ڏسڻو پوي.

مضمون کا ماخذ : پاور بال کا ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں