وزيراعظم محمد شهباز شريف پاران اسرائيل ۽ لبناني گروپ حزب الله جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان

image

اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل ۽ لبناني گروپ حزب الله جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته اهو اعلان لبنان ۾ ڇڪتاڻ جي مستقل خاتمي جو سبب بڻجندو. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته اسان اسرائيل ۽ لبناني گروپ حزب الله جي وچ ۾ جنگبندي جي اعلان جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اميد ڪريون ٿا ته اهو اعلان لبنان ۾ ڇڪتاڻ جي مستقل خاتمي جو سبب بڻجندو، اسان جي خواهش آهي ته لبنان ۾ امن ۽ سلامتي هجي.

مضمون کا ماخذ : sorteios quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں