اسلام آباد – 05 نومبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پهرين اليڪٽرڪ وهيڪل پ??لي??ي، وفاقي ترقياتي اداري (سي ڊي اي) کي انتظامي ۽ پ??لي??ي سان لاڳاپيل معاملن کان جدا ڪرڻ، بابا گرو نانڪ جي جنم ڏهاڙي جي تقريبن ۾ شرڪت جي لاءِ ايندڙن جي لاءِ 2 ڏينهن جي فيس معافي، پاسپورٽ جي شرط هڪ سال لاءِ ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، سياحن جي لاءِ ويزا پ??لي??ي ۾ نرمي جي لاءِ موجوده پ??لي??ي تي نظرثاني ڪئي ويندي، ميجر جنرل محمد عامر حميد کي رينجرز پنجاب جو ڊي جي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ ڪيل في??لن جي تو??يق ڪئي وئي.