سيالڪوٽ – 26 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 2020ع قومي ترقي ۽ ??وش??الي ۽ عوام کي وڌ کان وڌ مالي رليف ڏيڻ جو سال ثابت ٿيندو، حڪومت هر رياستي اداري مان بدع??وا??ي کي پاڙ کان پٽي اڇلائڻ جي لاءِ پنهنجي سڌارن واري ايجنڊا تي عملدرآمد جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، و??ير??عظم عمران خان قوم جي امنگن موجب ملڪ جي ترقي جي لاءِ پرعزم آهي، ملڪ جا چونڊيل نمائندا ان سلسلي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪ??ي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار و??ير??عظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.