اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جو اهم اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي وڏي و??ير سيد مراد علي شاهه ??ي درخواست تي ڪورونا وائرس جي عدم پکيڙ ۽ عوام جي جان ۽ مال، رو??گار جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جي لاءِ مستقبل جا فيصلا هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم عمران خان سنڌ جي وڏي و??ير کي هدايتون ڏنيون ته هو اڄ اڱاري ڏينهن اين سي سي جي اجلاس ۾ هڪ جامع رو?? ميپ کڻي اچي جنهن ۾ پوئتي پيل علائقن، ڪچين آبادين ۽ پورهيتن جي حقن جي تحفظ جي جهلڪ نظر اچي، وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي (اين سي سي) جي اجلاس ک??نپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي و??يراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻڌايو ته وزيراعظم جي صدارت ۾ اين سي سي اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل جي فيصلن کي هڪ ڏينهن جي لاءِ ملتوي ڪيو وڃي، سنڌ جي وڏي و??ير مراد علي شاهه طرفان درخواست ڪئي و??ي ته اڏاوتن واري شعبي ۽ ضروري شين کي کولڻ جي قدمن جي اعلان کان اڳ ڪجهه وقت ڏنو وڃي ته جئين هم آهنگي سان فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايون.