اسلام آباد – 27 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ عيد جي آخري موڪل واري ڏينهن به ڪورونا وائرس صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ اهم اجلاس ٿيو. ڪورونا وائرس (ڪوويڊ 19) جي خاتمي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي حوالي سان فورم کي اڳڀرائي ک??ن آگاهه ڪيو ويو. اين سي او سي موجب اجلاس جي صدارت منصوبابندي، ترقي، سڌار?? ۽ ??اص قدمن واري ??فا??ي وزير اسد عمر ڪئي.