اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان قوم کي عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائڻ جي اپيل ڪندي ان موقعي تي ايس او پيز تي عملدرآمد تي زورڏنو آهي. عيدالاضحيٰ تي لاپرواهي سان ڪورونا پکڙجڻ جو خدشو آهي، اسا?? انهن ملڪن ۾ شامل آهيون جتي ڪورونا جي وبا جي شدت گهٽ ٿي رهي آهي، جيڪڏهن اسان احتياط ڪنداسين ته دنيا جي مقابلي ۾ ان مشڪل صورتحال ۾ بهتر انداز سان نڪرنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن وف??قي گادي واري شهر ۾ آئسوليشن اسپتال ۽ وبائي مرضن جي علاج جي جديد مرڪز جي افتتاح جي موقعي تي ڪيو. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وف??قي وزير اسد عمر، اطلاعات ۽ نش??يات وارو وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه، چين جو پاڪستان ۾ مقرر سفير ۽ اعليٰ عملدار به ??وج??د هئا. وزيراعظم ??مران خان چيو ته ڪورونا وبا ۽ لاڪ ڊائون جي مشڪل صورتحال جي باوجود ٿوري مدي ۾ جديد اسپتال ٺاهڻ تي اين ڊي ايم اي کي پوري قوم طرفان خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، ان اسپتال ۾ بيڊز، عملي سميت سموريون جديد سهولتون ??وج??د آهن.