اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جو اجلاس منصوبابندي، ترقي?? سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو. فورم کي عيدالاضحيٰ تي جانور جي ??نڊين ۾ حفاظتي تد??يرن جي حوالي سان عملدرآمد ۽ خاص طور تي خلاف ورزين بابت بريفنگ ڏني وئي. مختلف صوبن ۾ حفاظتي تد??يرن جون خلاف ورزيون ڏسڻ ۾ آيون آهن. فورم کي ٻڌايو ويو ته پوري پاڪستان ۾ جانورن جي غيرقانوني منڊين کي بند ڪيو ويو، ڏنڊ هنيا ويا ۽ قانوني ڪارروائي به ڪئي وئي. فورم ۾ شاپنگ پلازه، س??زي منڊين ۽ جانورن جي ??نڊين ۾ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال ذريعي خلاف ورزين جي ??شاهدي تي بريفنگ ڏني وئي. اسد عمر چيو ته وزيراعظم جي ??دايت موجب اسان کي هي عيد سادگي سان ملهائڻ گهرجي. عيد تي تفريحي جاين جو رخ نه ڪيو وڃي ۽ عيد تي ميڙ کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نماز ۾ سماجي ??اصلن ۽ ڏنل هدايتن تي عمل سان وبا تي ضابطو آڻي سگهجي ??و. اسد عمر چيو ته جانورن جي ??نڊين ۾ حفاظتي تد??يرن کي هر ممڪن يقيني بڻايو ويندو.