گڏيل قومون 31 ڊسمبر (اي پي پي ) جنيوا ۾ قائم گڏيل قومن جي ايجنسي ورلڊ ميٽرولاجيڪل آرگنائزيشن ( ڊبليو ايم او) سال 2024ع کي ريڪارڊ گرم ترين سال قرار ڏنو آهي جنهن دوران زمين جي س??اسري گرمي پد ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ اضافو ريڪارڊ ٿيو آهي. ڊبليو ايم او جي سيڪريٽري جنرل سيلسٽي س??ئولو چيو ته اداري پاران 2024ع دوران آبهو?? جي صورتحال جي باري ۾ بار بار ريڊ الرٽ جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته هن سال اسان گهڻن ملڪن ۾ ريڪارڊ ٽوڙ برساتن ۽ ٻوڏ جي ??اقعن ۽ جانين جو خوفناڪ نقصان ڏٺو آهي. سال 2024ع دوران سامونڊي طوفان خوفناڪ جاني ۽ معاشي نقصان جو سبب بڻيو. سال 2024 ع دوران دني?? جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ماڻهن گرمي کي برداشت ڪيو. ان سان گڏو گڏ ٻيلن ۾ لڳل باهه به وڏي پيماني تي تباهي آندي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان حوالي س??ن نئين سال جي ??يغام ۾ چيو ته اڄ مان باضابطه طور تي اطلاع ڪري سگهان ٿو ته اسان به هڪ اهڙي ڏهاڪي کي مڪمل ڪيو آهي جنهن دوران ماڻهن شديد ترين گرمي کي برداشت ڪيو اهو ڏهه سال ريڪارد تي گرم ترين سال رهيو. هن چيو ته اها صورتحال آبهوا ۾ تبديلين جو نتيجو آهي اسان کي انهن تبديلين جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن. ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد جي رفتار گهٽ ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ گهرجن . ڊبليو ايم او جي عالمي گرمي پد ۾ اضافي بابت رپورٽ ۾ آبهو?? جي تبديلين جي ??تيجي ۾ 2024 ع دوران خطرناڪ گرمي جي ??دي ۾ 41 ڏينهن جو اضافو ريڪارڊ ٿيو جنهن ۾ انساني صحت ۽ ماحولياتي نظام کي نقصان پهتو. آبهو?? جي تبديلين 29 شديد موسمي حالتن مان 26 جي شدت ۾ اضافو ڪيو جن ۾ 3700 ماڻهو فوت ۽ لکين بي گهر ٿيا.