فيصل آباد – 18 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پو??يس ڪامپ??يڪ?? لائلپور ٽائون، ڪشمير پل انڊر پاس ۽ ڪيليگرافي جي نمائش جو افتتاح ڪيو، وزيراعظم عمران خا?? ڄاڻايل منصوبن جو افتتاح هڪ مقامي هوٽل ۾ ٿيندڙ پُروقار تقريب دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته پو??يس ڪامپ??يڪ?? لائلپور ٽائون فيصل آباد جي تعمير 145.246 ملين روپين جي لاڳت سان 20 جنوري 2016ع ۾ شروع ڪئي وئي جنهن تي 95 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ اهو منصوبو 31 ڊسمبر 2020ع تائين پڄاڻي تي پهچي ويندو، وزيراعظم کي ٻڌاي?? ويو ته ڪشمير پل انڊر پاس ڪينال روڊ فيصل آباد جو منصوبو 1280.209 ملين روپين جي لاڳت سان 20 مارچ 2018ع تي نيشنل لاجسٽڪ سيل جي ذريعي شروع ڪي?? ويو جنهن جو 85 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪم مڪمل ڪي?? ويو آهي ۽ باقي ڪم 31 ڊسمبر 2020ع تائين مڪمل ڪري ان کي هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ کولي?? ويندو، جنهن سان شهرين کي سگنل فري ڪينال روڊ کان ايڪسپريس وي ۽ موٽر وي تائين پهچ ۾ انتهائي آساني ٿيندي، بعد ۾ وزيراعظم هفته شان رحمت العالمين ﷺ جي سلسلي ۾ ملڪ جي مشهور مصورن محمد قمر سلطان ۽ نثار احمد جي ڪيليگرافي جي فن پارن جي نمائش جو به افتتاح ڪيو، ڪيليگرافي نمائش ۾ وڏي تعداد ۾ قرآني خطاطي سميت ٻين انتهائي نادر ۽ قيمتي فن پارا نمائش لاءِ رکيا ويا.