اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراع??م چيو آهي ته مون تي ڪو به دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهي، مون ??ي ڪرسيءَ سان چنبڙڻ جو ڪو به شوق نه آهي دٻاءُ اهي قبول ڪندا آهن جيڪي ڪرسيءَ سان چنبڙيل هوندا آهن، ??نڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان غلط پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي، پنجاب جو گندو پاڻي س??ڌ ڏانهن وڃي ٿو جنهن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو سنکيو آهي، ان گندي پاڻي کي روڪڻ جي لاءِ راوي شهر اڏيو پيو وڃي. نجي ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 40 سالن کان ميڊيا ۾ آهيان، ڪو پاڪستاني ايتري دير ميڊيا ۾ ناهي رهيو، ڪرڪيٽ کانپوءِ سي??ست ۾ ميڊيا ۾ رهيو آهيان، ??نقيد معاشري جو حصو آهي، انسان جي سچ جي اڳتي وڌڻ ۾ اظهار راءِ جي آزادي جو سڀ کان وڏو هٿ آهي.