اسلام آباد – 18 اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڳالهين تي يقين رکي ٿي ۽ ڪا به ڪالعدم تنظيم حڪمران پارٽي کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري سگهي، حڪومت مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جو سلسلو جاري رکندي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالعدم تنظيم جي منفي پروپئگنڊه ما??وس ڪندڙ آهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ڪالعدم تنظيم جي مظاهرين جي خلاف ڪارروائي ڪئي جنهن نوان ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي حملو ڪيو هو. چوڌري فواد حسين چيو ته مظاهرين پاران اغوا ڪيل پوليس اهلڪارن جي بازيابي جي لاءِ ڪارروائي ڪئي و??ي هئ??، ڪنهن کي به حڪومت جي رٽ کي چئلينج ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. تحريڪ انصاف ۾ جهانگير ترين جي ڪردار تي تبصرو ڪندي هن چيو ته جهانگير ترين اڃا به پي ٽي آءِ جو ميمبر آهي. احتساب جي ع??ل بابت وفاقي و??ير چيو ته احتساب بابت قومي ادارا بنا ڪنهن فرق ۽ آزاداڻي طور تي ڪم ڪري رهيا آهن.