اسلام آباد – 21 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄ?? ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 102 فوتگيون ٿيون جنهن مان 50 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄ?? ملڪ ۾ 3 هزار 70 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز ??ي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 70 سيڪڙو، لاهور ۾ 52 سيڪڙو، پشاور ۾ 38 سيڪڙو ۽ بهاولپور ?? 42 ??يڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن ??ي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 41 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 49 سيڪڙو، ملتان ۾ 55 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 51 هزار 528 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 17 هزار 123، پنجاب ۾ 20 هزار 272، خيبرپختونخواهه ۾ 7 هزار 693، اسلام آباد ۾ 3 هزار 897، بلوچستان ۾ هڪ هزار 377، گلگت بلتستان ۾ 298، آزاد ڪشمير ۾ 868 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 10 هزار 143 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز ??ي ڪوويڊ 19 جا 540 مريض آهن. سڄ?? ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 63 هزار 229 آهي. سڄ?? ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 93 هزار 461 آهي .