اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چ??ڌري فواد حسين چيو آهي ته گذريل حڪومتن پاران ورتل قرضن جي مد ۾ اسان ساليانو 2 هزار ارب روپي?? واپس ڪري رهيا آهيون، ماضي جي حڪومتن جي ڪري ملڪي آمدني گهٽ ?? خرچ وڌيڪ آهن، مخالف ڌر سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ نٿي چاهي، 2023ع ۾ 1500 ارب روپيا بجلي گهرن جي مد ۾ ڏيڻا پوندا، بجلي جا پلانٽ لڳائيندي ماحولياتي تبديلي جي منفي اثرن کي نظرانداز ڪيو ويو، سنڌ ۾ 13 سال اقتدار ۾ رهندڙ پيپلزپارٽي صوبي کي برباد ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ اجلاس جي دوران خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو.