اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) حڪومت آبادگارن ۽ هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت پاڪستان سٽيزن پورٽل تي هارين ??اء?? خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران ان حوالي سان جاري ??يل هدايتن ۾ هارين جي مسئلن جي حل ??اء?? صوبائي حڪومتن کي خصوصي حڪم جاري ??يا ويا آهن جنهن تحت سڄي ملڪ ۾ لاڳاپيل آفيسرن کي هارين جي شڪايتن جي فوري حل ??اء?? قدمن جون هدايتون ڪيون ويون آهن.
وزيراعظم عمران خان پاران جاري هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري آفيسر هارين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪن، ان حوالي سان وزيراعظم ڊليوري يونٽ (پي ايم ڊي يو) سمورين صوبائي حڪومتن کي خط جاري ??يو آهي، جنهن تحت هاڻي هاري ??نه??جا مسئلا سڌو سنوان سٽيزن پورٽل تي ٻُڌائي سگهندا، وزيراعطم آفيس چيو آهي ته ??نه??جي مسئلن جي حل ??اء?? هاڻي آبادگارن ۽ هارين کي سرڪاري آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا،
وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سمورا چيف سيڪريٽريز هارين جي مسئلن جي حل تي آفيسرن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ جوڙين، خط ۾ سمورنص وبن ۾ هارين جي مسئلن جي ??اء?? 123 سرڪاري آفيسرن کي ذميداريون سونپيون ويون آهن ۽ ان حوالي سان خيبرپختونخوا جي 43 جڏهن ته پنجاب جي 57 آفيسرن کي ذميداري سونپي وئي اهي، سڄي ملڪ جا هاري هاڻي پي ايم پورٽل تي ڪارڊ، ڀاڻ، ٻج، پاڻي جي چوري، فصل، جنسن جي قيمتن تي شڪايتون داخل ڪرائي سگهندا. ان کانسواءِ جيت مار دوائن ۽ ٻين 52 مسئلن جو ازالو به بروقت ممڪن ٿي سگهندو، وزيراعظم آفيس هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ ان حوالي سان آبادگارن ۽ هارين جي آگاهي ??اء?? ضلعي سطح تي خصوصي مهم به هلائي وڃي.