ڪابل – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) افغانستان جي گهرو وزارت پاسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ ڪم ڪندڙ سمورين عو??ت ملازمن کي نوڪري تي واپس اچڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته في الحال نوان پاسپورٽ جاري ڪيا پيا وڃن ۽ نوان پاسپورٽ اسلامي جمهوريه افغانستان جي نالي سان ئي جاري ڪيا ويندا. ترڪ نشري??تي اداري موجب افغان گهرو وزارت جي ترجمان سعيد خوستي چيو آهي ته سمورين عو??تن کي چيو ويو آهي ته اهي گهرو وزارت ۾ پنهنجي نوڪرين تي واپس اچي ڪم شروع ڪن.