اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناليواري سائنسدان ۽ محسن پاڪستان ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افس??س جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ کي ائٽمي رياست بڻ??ئڻ جي حوالي سان سندس اهم ڪردار جي لاءِ پوري قوم ڊاڪ??ر عبدالقدير خان سان محبت ڪري ٿي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته ڊاڪ??ر عبدالقدير خان اسان کي پاڻ کان ڪيترائي ڀيرا وڏي پاڙيسري ۽ ائٽمي رياست جي جارحيت کان تحفظ فراهم ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي لاءِ هو هڪ قومي هيرو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪ??ر عبدالقدير خان کي سندس خواهش موجب فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويندو. هن ڊاڪ??ر عبدالقدير خان جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي انهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.